193

وفاقي حڪومت صوبن جي نمائندگي کانسواءِ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ 6 بلاڪس ڪمپنين کي ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت صوبن جي نمائندگي کانسواءِ تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ 6 بلاڪس ڪمپنين کي ڏئي ڇڏيا آهن، پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ سيينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ،پنجاب،بلوچستان جا 6 بلاڪس ڏنا ويا،وفاقي حڪومت جي ان قدم جي مذمت ڪريون ٿا، آئين چوي ٿو ته تيل ۽ گئس صوبن ۽ وفاق جي گڏيل ملڪيت هوندا آهن،گڏيل مالڪ نه بڻائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي رولنگ باوجود صوبن کي شريڪ مالڪ نه پيو بڻايو وڃي،اين ايف سي ۾ به حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي، ايندڙ بجيٽ هڪ اهڙي اين ايف سي ايوارڊ تحت ڏني ويندي،جيڪا 11 سال پراڻي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو