176

لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وائرس بي قابو، 160 شهري مبتلا، 6 فوت

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وائرس بي قابو، 20 ڏينهن اندر 160 شهري ڪورونا ۾ مبتلا، 12 ڏينهن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. حوالي سان ڪورونا جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر فرمان ابڙو صحافين کي ٻڌايو 20 ڏينهن ۾ 160 شهري ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڪورونا وگهي 12 ڏينهن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 2 عورتون ۽ 4 مرد شامل آهن. هن چيو ته ڪورونا آئي سي يو وارڊ ۾ هن وقت ڪورونا جي 19 مريضن جو علاج جاري آهي، شهري ايس او پيز تي عمل نه پيا ڪن تنهن ڪري ٽين لهر ۾ تيزي آئي آهي، شهرين کي گهرجي ته هو ايس او پيز تي عمل درآمد کي يقيني بڻائن جيئن ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو