134

ڀارت ۾ ڪورونا سبب حالتون ويتر خراب، هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ اڍائي هزار ماڻهو فوت، ساڍا3 لک متاثر، پاڪستان مدد جي آڇ ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب حالتون انتهائي خراب ٿينديون پيون وڃن، جتي روزانو هزارن جي انگ ۾ ماڻهو ڪورونا وهگهي مري رهيا آهن ۽ روزانو لکن جي انگ ۾ متاثر ٿي رهيا آهن. پاڪستان ڀارت کي مدد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.  ڀارت ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان روز ڪورونا جا رڪارڊ ڪيس سامهون اچي رهيا آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران به وڌيڪ  3 لک 46 هزار 786 ماڻهو ڪورونا سان متاثر ٿيا ۽ 2 هزار 600 کان وڌيڪ فوت پڻ ٿي ويا.  جيڪو عالمي وبا سامهون اچڻ کان پوءِ ڪنهن به ملڪ ۾ روز جي بنياد تي ڪيسن جو سڀ کان وڏو انگ آهي. هن وقت تائين ڀارت ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ هڪ لک 89 هزار تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 66 لک 10 هزارر کان وڌي ويو آهي. اهڙي حالت سبب ڀارت ۾ طبي نظام مفلوج ٿي ويو آهي ۽ گذريل 5 ڏينهن دوران نئين دهلي جي سڀني اسپتالن جا آءِ سي يو مڪمل طور ڀرجي چڪا آهن. جتي آڪسيجن گئس جي پڻ وڏي کوٽ ٿي پئي آهي ۽ آڪسيجن نه ملڻ جي ڪري نئين دهليءَ جي اسپتال20 مريض فوت ٿي ويا. اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن کي رکڻ لاءِ ڪو بيڊ نه بچيو آهي، اسپتالن ۾ توڙي ملڪ ۾ آڪسيجن جي وڏي کوٽ پيدا ٿيل آهي، مريضن کي سنڀالڻ لاءِ ڊاڪٽر به پورا نه ٿا پون. روزانو هزارن جي انگ ۾ ماڻهن جي فوت ٿيڻ سبب انهن کي ساڙڻ يا دفنائڻ به هڪ وڏو مسئلو پيدا ٿيل آهي. شمشان گهاٽن ۾ لاش ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون ملڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، قبرستانن ۾ لاش دفنائڻ لاءِ ڪا جاءِ نه بچي آهي، جنهن ڪري هاڻي لاشن کي اجتماعي طور دفنائڻ شروع ڪيو ويو آهي. مهاراشٽر، اڙيسا ۽ ڪيرالا ۾ ويڪ اينڊ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. ڀارت ۾ ڪورونا سبب حالتون خراب ٿيڻ سبب ڪويت ڀارت سان جهازن جي اچ وڃ معطل ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته صحت جي عالمي اداري پڻ ڀارت کان مسافرن جي اچ وڃ روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا جي ڪري پيدا ٿيل ڳڻتي جوڳي صورتحال خطري جي گهنٽي آهي. هوڏانهن چين کان پوءِ آمريڪا به ان صورتحال ۾ ڀارت کي سهڪار جي آڇ ڪئي آهي. ڀارت جي خراب صورتحال ۾ پاڪستان پڻ ان کي مدد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ڀارت ۾ ڪورونا جي خطرناڪ لهر تي ڀارتي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ٽويٽر تي پنهنجي بيان ۾ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي خطرناڪ لهر سان مقابلو ڪندڙ ڀارتي شهرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ جيڪي ماڻهو وبا کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن جي تڪڙي صحتيابيءَ لاءِ دعاگو آهيان، اسان کي انسانيت کي گهربل ان عالمي چئلينج جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو. ٻي پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريش ڀارت ڇي پاڪستان طرفان مدد جي آڇ ڪندي چيو آهي ته ڀارت کي وينٽيليٽر، ايڪسري مشين ۽ ماسڪ سميت جيڪو ڪجهه به ٿي سگهندو اهو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو