189

سنجهوري ويجهو نوجوان ناري ڪهي قتل، جوابدار ڀاءُ ۽ پيءُ گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

سنجھورو (ويب ڊيسڪ) سنجهوري ۾نوجوان ناري ڪهي قتل، ڀاءُ ۽ پيءُ گرفتار، رپورٽ موجب سنجھوري لڳ چڪ 22 جمڙائو لڳ ڳوٺ يعقوب سنجراڻي ۾ 15 سالن جي ناري شاھينا شيخ کي پنھنجي وڏي ڀاءُ والد سان گڏجي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار محمد ملوڪ شيخ ۽ سندس پيءُ قاسم شيخ کي گرفتار ڪري ورتو، جون پوليس آڏو ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آھي، جوابدار ملوڪ شيخ  اعتراف ڪندي چيو آهي ته والد سان گڏجي ڀيڻ کي قتل ڪيو، والد پوليس کي اطلاع ڏنو ته مخالفن گهر ۾ اچي سندن ناري کي قتل ڪيو آهي، پوليس ٻڌايو ته جوابدارن ناري شاهينا کي قتل ڪري مخالفن کي ڦاسائڻ لاءِ سندن مٿان قتل جو الزام لڳايو هو، واضح رهي ته جوابدار قاسم شيخ ناري جي قتل بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ته مخالف سندن گهر ۾ گهڙي سندس نوجوان ڌي کي قتل ڪري يوا آهن، ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي ٽيم سميت واقعي واري ھنڌ پھتو ۽ جاچ ڪئي تھ ڪٿي بھ ٻاھرين ماڻھو اچڻ جا پيرا يا ڪا نشاني نھ ملي، پليي شڪ جي بيناد تي ناري جي ڀاءُ ملوڪ کي گرفتار ڪيو، جنهن گرفتاري بعد ڏوهه جو اعتراف ڪيو، مليل ڄاڻ موجب شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، مقتولا ڇوڪري جو سڱ ٻي ڌر پاران گهريو ويو هو، جڏهن تھ ڪجهھ ڏينهن پهرين مقتولا ڇوڪري جي وڏي ڀيڻ جي شادي تان تڪرار ٿيو ھو، جوابدار ملوڪ شيخ پ اعترافي بيان ۾ چيو تھ مخالف مائٽن لياقت شيخ ۽ رياض شيخ ۽ ٻين کي سڱاوتي تڪرار سبب خون جي ڪيس ۾ ڦاسايڻ لاءِ اھڙو قدم کنيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو