142

پڊعيدن ۾ مڙس هٿان قتل زال جو لاش وارث پنجاب کڻائي ويا، ڪيس داخل

پڊعيدن (ويب ڊيسڪ) پڊعيدن ۾ مڙس پاران بيدردي سان قتل ڪيل عورت شائلا ڌيءُ قاسم سيال پنجابي جا وارث لاش کڻائڻ ۽ جوابدار ذوالفقار خاصخيلي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پنجاب کان پڊعيدن پهچي ويا، ان موقعي تي ڇوڪري جي پيءُ پاران ذوالفقار خاصخيلي تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي، ٻئي پاسي قتل ٿيل شائلا جي پيءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ظالم ذوالفقار منهنجي ڌيءُ کي بيدردي سان قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، هن منهنجي نياڻي کي بيگناهه کي قتل ڪيو آهي، مان حڪومت کان مطالبو ٿو ڪيان ته قاتل کي سرعام ڦاسي ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن ڪارنهن الزام ۾ جوابدار ذوالفقار خاصخيلي هٿان زخمي نوجوان بلال ڀٽي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه ۾ داخل آهي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او پڊعيدن منير لغاري چيو ته اسان قاتل ذوالفقار کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو آهي، جوابدار کي رمانڊ لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري سندس رمانڊ وٺي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو