اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر ۾تيزي اچي وئي آهي، وڌيڪ 118 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ڪيترن شهرن ۾لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، سنڌ به ايس او پيز تي عمل لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون گهري ورتيون آهن، رپورٽ موجب سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 6 مريضن دم ڏنو،952 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، وائرس روڪڻ لاءِ سنڌ جي صوبائي سرڪار پاڪ فوج جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ سول انتظاميا جي مدد لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون گهربل آهن،فوج جي مقرري ۽ سامان بابت مشاورت کانپوءِ آگاهه ڪيو ويندو، هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سنڌ کانسواءِ ملڪ ۾فوج کي طلب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي،اين او سي فيصلن جي روشني ۾عمل ڪيو پيو وڃي،ايس او پيز تي عمل لاءِ پاڪ فوج ڪم ڪندي، ٻئي طرف ملڪ ۾ڪورونا وائرس جي ٽين لهر تيزي سان وڌڻ ڪري وڌيڪ 118 ڄڻا فوت ٿي ويا،5611 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هوڏانهن مردان ۾ڪيس وڌڻ سبب اڄ کان هڪ هفتي لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو. جڏهن ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڪراچي ۾ 346 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، شهر جي ڪجهه علائقن ۾سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عوام کي غيرضروري گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هوڏانهن حيدرآباد ۾رڪارڊ 231 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪورونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو تھ آھي تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جڏھن تھ 952 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 158 مريض صحتياب ٿيا. آچر ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وبا ڪوويڊ19 بابت جاري ٿيل تفصيلن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 16938 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ 952 نوان ڪيس سامھون آيا آھن جيڪي تشخيص واري شرح جو 5.6 سيڪڙو آھي. ھن چيو تھ 24 ڪلاڪن دوران 6 انساني زندگيون ان وبا جو شڪار ٿيون جڏھن تھ فوتگين جو گڏيل انگ 4599 يعني 1.7 سيڪڙو آھي. وڏي وزير آگاھي ڏيندي ٻڌايو آھي تھ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي تناسب ڪراچيءَ ۾ 9.64 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 16.74 ۽ صوبي جي ٻين ضلعن ۾ 3.01 سيڪڙو آھي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ھن وقت تائين 3566325 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي ۽ گڏيل طور تي 278544 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. ھن چيو تھ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 158 مريض صحتياب ٿيا آھن جنھن سان صحتياب مريضن جو گڏيل انگ 262296 ٿي ويو آھي جيڪو بحاليءَ واري شرح جو 94.2 سيڪڙو آھي. وڏي وزير چيو ته هن وقت ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 11649 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 11101 سندن گهرن اندر قرنطينا آهن، 9 آئيسوليشن سينٽرن ۾ آهن ۽ 539 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 507 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 47 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 952 نون ڪيسن مان 346 ڪراچي شھر مان سامھون آيا آهن. جڏھن تھ صوبي جي ضلعن بابت انگ اکر اھڙيءَ ريت آھن، حيدرآباد ۾ 231، اوڀر ڪراچيءَ ۾ 175، ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ 80، سکر ۾ 73، سينٽرل ڪراچيءَ ۾ 55، لاڙڪاڻي ۾ 38، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۾ 36، مٽياريءَ ۾ 28، شڪارپور ۾ 24، جيڪب آباد ۾ 24، ملير ۾ 21، نوشھرو فيروز ۾ 16، خيرپو، نوابشاھھ ۽ گھوٽڪيءَ ۾ 15-15، اولھھ ڪراچيءَ ۾ 13، ٽنڊو الھيار ۾ 12، قمبر-شھدادڪوٽ ۽ سانگھڙ ۾ 11-11، دادو ۾ 10، عمرڪوٽ ۾ 7، بدين ۽ ڄامشورو ۾ 6-6، ٽنڊو محمد خان ۾ 5، ميرپورخاص ۾ 4 ۽ ڪورنگيءَ ۾ 2 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آھي تھ احتياطي اپائن کي اپنايو ۽ ڪوويڊ19 بابت جاري ايس او پيز تي لازمي طور تي عمل ڪيو وڃي.
147