حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 174نوان ڪيس سامھون آيا آھن،جڏھن ته 2ڄڻا فوت ٿي ويا، شرح 24 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، حيدرآباد ۾ 8 يونين ڪائونسلنن ۾ سماٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو قاسم آباد جي 5 لطيف آباد جي 2 ۽ حيدرآباد ٻھراڙي جي ھڪ يوسي ۾ ڪنڊيدار تارون لڳائي علائقا سيل ڪري لاڪ ڊائون ڪيو ويو، اھو لاڪ ڊائون 5 مئي تائين برقرار رھندو، صحت کاتي کان مليل ڄاڻ موجب ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاھر ٿي رھيا آھن بازارن سميت رش وارن ھنڌن تي ايس او پيس تي عمل نه ٿي رھيو آھي، جنھن سبب ڪيس اچي رھيا آھن صحت کاتي جي اختيارين جوچؤڻ آھي ته ايس او پيس تي عوام عمل ڪري ۽ ماسڪ جو استعمال ڪيو وڃي، ٻئي طرف ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ اضافي کان پوءِ ضلعي انتظاميا پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف رات دير تائين ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قائم اڪبر نمائي جي اڳواڻي ۾ ڪارروايون ڪري ڪيترائي ئي دڪان سيل ڪري ڏنڊ مڙهيا ويا، عام ماڻهن کان ماسڪ نه پائڻ تي هڪ سئو رپيا ڏنڊ وصول ڪري کين ماسڪ ڏنو ويو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قائم اڪبر نمائي گذريل رات تعلقي قاسم آباد، تعلقي لطيف آباد ۽ تعلقي سٽي جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪيترائي دڪان، هوٽل ۽ ريسٽورنٽس سيل ڪيا، جڏهن ته هن واپارين توڙي عام ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پاڻ کي سخت ڪارروائي کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ٻئي اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي ٻهراڙي قنديل فاطمه ميمڻ جي اڳواڻي ۾ تعلقي ٻهراڙي ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 12 هوٽلن ۽ هڪ دڪان تي مجموعي طور تي واپارين تي 49 هزار رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو، جڏهن ته مختيارڪار تعلقو ٻهراڙي فهيم منگي پاران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ٻن ريسٽورنٽس کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.
243