201

آڪسيجن جي طلب وڌي وئي،ڪراچي ۾سلينڊر قيمت ۾واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾آڪسيجن جي طلب ۾واڌ ٿي وئي آهي، پمز ۾استعمال ٽيڻ تي وڌي ويو آهي. رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌڻ جي ڪري ڪيترن ئي مريضن جي حالت خراب ٿي وئي آهي، مريضن کي آڪسيجن تي رکيو ويو، مختلف شهرن ۾آڪسيجن جي طلب وڌي وئي آهي، هوڏانهن اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾هاءِ فلو آڪسيجن جا سمورا بيڊ ڀرجي ويا آهن، جڏهن ته گجرانوالا ۾ 88، ملتان ۾ 85 سيڪڙو مريض وينٽيليٽر تي رکيل آهن. هوڏانهن ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌڻ بعد گئس سلينڊر جي گهرج ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته  ڪراچي ۾ گئس سلينڊر جي کوٽ ٿي پئي آهي، جڏهن ته قيمتن ۾ پڻ 2 کان 4 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. 5 ليٽر آڪسيجن سلينڊر واري قيمت ۾ 2 کان 4 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو