نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ڪورونا ڪنٽرول کان ٻاهر،10 پروفيسرن سميت 2760 ڄڻا فوت،ساڍا 3 لک نوان ڪيس ظاهر ٿيا، رپورٽ موجب ڪورونا وائرس جي ٽين لهر وڏي تباهي مچائي ڇڏي،مختلف رياستن ۾اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن، علي ڳڙهه يونيورسٽي جي 10 پروفيسرن سميت وڌيڪ 2760 مريضن کان وائرس حياتيون کسي ورتيون آهن، هوڏانهن هڪ ڏينهن ۾وڌيڪ ساڍا 3 لک ڪيس رپورٽ ٿيا،آڪسيجن نه ملڻ ڪري ڪيترن ئي جي حالت خراب ٿي وئي آهي. برطانوي ميڊيا موجب ڀارت ۾ اڃا ڪيس هاڻي شروع ٿي رهيا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ حالت خراب ٿي سگهي ٿي. هوڏانهن انٽرنيشنل ميڊيا ڀارت ۾ڪورونا سبب ماڻهن جي مرڻ جا صحيح انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڀارتي حڪومت جي حقيقت ظاهر ڪري ڇڏي آهي، برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڀارت ۾روزانو 2 هزار نه پر پنجوڻ تي وڌيڪ ماڻهو مري رهيا آهن. ڀوپال،گجرات ۽ انٽرپرديش ۾روزانو وڏي انگ ۾ماڻهو مري رهيا آهن، رپورٽ موجب ماڻهن جي مرڻ تي پردو وجهڻ لاءِ ڪورونا لکڻ بدران بيماري ڄاڻايو پيو وڃي، دنيا ۾ڪورونا ڪيسن جو تعداد اڌ ڀارت ۾آهي،علاج ناممڪن ٿي ويو. آڪسيجن جي کوٽ جي ڪري اسپتالن ٻاهران مريضن کي رکيو پيو وڃي.
156