ڳڙهي ياسين (ويب ڊيسڪ) ڳڙھي ياسين تعلقي جي دلاور معرفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رضا محمد عيساڻي ۾ عيساڻي برادري جي ٻن ڌرين رضا محمد ۽ شھزادو عيساڻي ۾ هلندڙ پراڻي ڪارنهن تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، جنهن تان شهزادي واري ڌر جي هٿياربندن رضا محمد جي ڌر جي ماڻھن مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب هڪ پيرسن وزير علي ولد شاهنواز ۽ لقمان ولد رحمدل موقعي تي گولين جي بک بڻجي ويا، جڏهن ته بدرالدين ولد غلام محمد سخت زخمي ٿي پيو، اهڙي اطلاع تي ٻنهي ڌرين جا هٿياربند هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، اهڙي واقعي بعد علائقي ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو، جنهن بعد واقعي جو اطلاع دلاور معرفاڻي ٿاڻي تي ڏنو ويو، جنهن ايس ايس پي شڪارپور کي اطلاع ڏنو، ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٺا پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي، جنهن بعد ٻنهي مقتولن جي لاشن کڻي ڳڙھي ياسين اسپتال آندا، جتان پوسٽ مارٽم بعد ٻنهي مقتولن جا لاش پوليس پهري ۾ ڳوٺ پهچايا ويا، هوڏانهن مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف زخمي کي ڪنهن ٻئي هنڌ علاج لاءِ موڪليو ويو آھي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ياد رهي ته هنن ڌرين ۾ ڪافي عرصي کان تڪرار ۾ ھيل تائين 8 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن.
135