181

ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي جي ٽئين يا چوٿين هفتي ۾ٿيندا:شفقت محمود

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته اڄ کان او ليول جا امتحان شروع ٿي رهيا آهن، ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي جي ٽئين يا چوٿين هفتي ۾ٿيندا، هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سمورن صوبن جي تعليم وارن وزيرن مشورو ڏنو ته امتحان ٿيڻ گهرجن، صحت جي بنياد تي فيصلو ميڊيڪل فيلڊ سان لاڳاپيل ماڻهو ڪندا آهن، صحت سڀ کان اڳ ۾آهي،اين او سي ميٽنگ ۾صلاح مشورو ورتو ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو