اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور کي قانون جي تابع ڪرڻ اسان جي جدوجهد جو مقصد آهي،مافيا خلاف جنگ کٽينداسين، قوم وسيلن جي کوٽ سان نه پر ڪرپشن سان تباهه ٿيندي آهي،حڪمران ڪرپشن ڪن ته قوم قرضي ٿي تباهه ٿي وڃي ٿي، پي ٽي آءِ جي يوم تاسيس جي موقعي تي خصوصي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻه نوان شهر ۽ ٻه نوان ڊيم ٺاهيون پيا،اڄ کان هاري ڪارڊ پراجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون،انڊسٽريز کي رعايت ڏينداسين، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته عام چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آهيون،ڌانڌلي نه ٿي سگهندي نه ئي وري نتيجن کان انڪار ڪرڻ جي ڪا گنجائش هوندي، اسان جو ملڪ وڏي مشڪل سان ڊفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو،جيڪڏهن سعودي عرب،يو اي اي ۽ چين مدد نه ڪن ها ته ڊفالٽ ٿي وڃون ها،اڍائي سالن جي ڪارڪردگي تي فخر آهي، منهنجي جدوجهد جو بنيادي مقصد امير ۽ غريب لاءِ قانون جي برابري آهي،ڊگهي سياسي جدوجهد ۾ڪڏهن شڪست ناهي مڃي،ڪرڪيٽر طور گرائونڊ ۾سکيو ته آخري بال تائين هار نه مڃجي. ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ قانون جي بالادستي ۽ ترقي لاءِ ڪم جاري رکنداسين،ڪمزور طبقي لاءِ پهريون ڀيرو اسان جي حڪومت گهر ٺهرائي رهي آهي،عوام کي اڪيلو نه ڇڏبو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ستن اٺن مهينن کان سرپلس ۾ وڃي پيو،اسٽاڪ مارڪيٽ به سٺي پرفارمنس ڏئي رهي آهي،تعيمراتي شعبو سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪري رهيو آهي. آخر ۾ وزيراعظم عمران خان عوام ۽ ڪارڪنن کي پي ٽي آءِ جي يوم تاسيس جي مبارڪ ڏني.
