ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته دنيا ۾حڪمران عوام جو ۽ عمران خان چندي جو سوچي ٿو،مهانگائي تي استعيفيٰ ڏئي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ميڊيڪل اسٽورن تي پئسا گهٽ هجڻ سبب دوا وٺڻ کانسواءِ ويندڙن جو آواز بڻجڻ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ناهي، دوائن جي قيمتن ۾100 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ عام ماڻهن کان زندگي جو حق کسڻ جي برابر آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هائوس جي ٿڌن ڪمرن ۾ويهندڙ عمران خان کي اسڪول جي فيس لاءِ پريشان والدين جو ڪهڙو احساس هوندو، وزيراعظم صاحب! ملڪ ۾مهانگائي بلند ترين سطح تي پهتي آهي،ڇا هاڻي اسان ٿورو گهٻرايون؟ بلاول ڀٽو چيو ته مهانگائي جي خاتمي جي دعويدار عمران خان مسواڙ جي گهر ۾ رهندڙ عام ماڻهو جي گهر جي بجيٽ ٺاهي ڏيکاري، عيد تي انهن لاءِ نوان ڪپڙا وٺڻ به ڏکيو ڪم آهي.ڪرپشن خلاف مهم جو ڏٽو ڏئي عوام کي کنڊ وٺڻ لاءِ ڊگهي قطار ۾ بيهاريو ويو آهي. سيڙپڪارن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏئي عام ماڻهن کي مهانگائي جي چنبي ۾ ڦاسايو ويو آهي، لنگر خانن سان غربت ختم ناهي ٿيندي، اوهان کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻو پوندو. اٽي جي 20 ڪلو ٿيلي تي 68 رپيا وڌيڪ وصول ڪندڙ عوام کان ماني گرهه کسي ورتو آهي. جڏهن حڪمران پاڻ چور هجن ته ملڪ ۾ مافيا بي لغام ٿي وڌيڪ منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ هر شي مهانگي ڪري ڇڏي آهي. آءِ ايم ايف جي حڪم تي ٽيڪسن جو بار وجهڻ سليڪٽيڊ وزيراعظم جي ڏوهه کي عوام ڪڏهن به معاف نه ڪندي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 3 سال تبديلي لاءِ گهٽ آهن ته 8 سالن ۾ ڪي پي ڪي ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ مهانگي علاج کانسواءِ ڪهڙي تبديلي آئي آهي؟ عمران خان مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جو ذميوار آهي، استعفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي.
225