225

حڪومت پاران اسٽيل ملز جي بند آڪسيجن پلانٽ جو جائزو وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽيل مل ۾آڪسيجن جو وڏو يونٽ بند پيل آهي، آڪسيجن پلانٽ 15 هزار 200 ڪيوبڪ ميٽر في ڪلاڪ پيداوار ڏئي سگهي ٿو، ماهرن موجب آڪسيجن پلانٽ هلائڻ لاءِ مين پلانٽ هلائڻ جي ضرورت نه پوندي، گئس سلينڊر جي کوٽ تي سلينڊر مينيوفيڪچرنگ به ممڪن آهي. هوڏانهن ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد حڪومت پاران اسٽيل ملز جي بند آڪسيجن پلانٽ جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ٽيڪنيڪل ماهرن ۽ انجنيئرن تي ٻڌل ٽيم اڄ آڪسيجن پلانٽ جو جائزو وٺندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو