181

سنڌ ۾ڪيس وڌيا ته لاڪ ڊائون هڻنداسين،اسپتالن ۾وارڊ ٺاهيا آهن،هڪ ڪروڙ ويڪسين خريد ڪبي:ناصر شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ دانشمنداڻا فيصلا ڪيا،ٻين صوبن جهڙي خراب صورتحال ناهي،هر سامان موجود آهي، هڪ ڪروڙ ويڪسين خريد ڪنداسين، سنڌ حڪومت وائرس کي روڪڻ جي حوالي سان اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪيو،ڪراچي ۾ڪورونا جي الڳ اسپتال قائم ڪئي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ٻين ضلعن ۾به وڌيڪ اسپتالون قائم ڪيون پيون وڃن،سمورين اسپتالن ۾ڪورونا مريضن جا وارڊ ٺاهيا آهن، پنهنجي بجيٽ جو وڏو حصو ڪورونا مريضن جي علاج لاءِ خرچ ڪيو،ويڪسين لاءِ ڏيڍ ارب رپيا رکيا آهن، سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾وينٽيليٽرز،آڪسيجن ۽ ٻيو ضروري سامان گهڻي مقدار ۾موجود آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جي تجويزن تي عمل ڪري ها ته صورتحال بهتر هجي ها، پنجاب جو صحت واري وزير سنڌ تي تنقيد ڪرڻ بدران پنجاب ۾ صحت جون سهولتون بهتر بڻائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو