ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر آن لائين ڪلاس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت ھيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس سميت سمورن ڪئمپسز ۾ سڀاڻي 26 اپريل کان 17 مئي تائين آن لائن ڪلاسز ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فيصلي تحت سمورين بئچن جا آن لائن ڪلاسز ھلندا، جڏهن ته سڀاڻي کان ھڪ مھيني تائين ڪئمپس تي فزيڪل تعليمي سرگرميون بند رھنديون. اجلاس ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ۽ حڪومتي فيصلي تحت 50 سيڪڙو اسٽاف يونيورسٽي ۽ ڪئمپسز ۾ گھرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ اختيار لاڳاپيل تعليمي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن حوالي ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ تيزيءَ سان ڪورونا جا ڪيس وڌي رھيا آھن، ان لاءِ رش گھٽائڻ ۽ ايس او پيز بابت حڪومتي ڪوششن ۾ شريڪ ٿيڻو پوندو، ڪورونا جي ٽئين خطرناڪ لھر کي نظر ۾ رکندي شاگردن جو تحفظ ضروري آھي. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته سڀاڻي 26 اپريل کان 17 مئي تائين آن لائن ڪلاسز ھلايا ويندا، جنھن بعد 11 مئي تي ٻيھر اجلاس گھرائي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي، شعبن جا سربراهه سمورن بئچن لاءِ ٻيھر ٽائيم ٽيبل تيار ڪري آن لائن ڪلاسز جو اھتمام سڀاڻي کان ئي ڪن، ٻئي طرف
لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو جي رجسٽرار ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ جي ڪيل اعلان موجب ملڪ ۾ Covid19 جي صورتحال جي مطابق لمس ڄامشورو جي امتحانن سوڌو سموريون نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون 26 اپريل 2021 کان 20 مئي 2021 تائين معطل رهنديون. ان سلسي ۾ آن لائين ماڊيولر ٽيسٽ شيڊيول جو اعلان وقت جي مطابق آن لائين ٽيسٽ انچارج جي ذريعي ڪئي ويندي. سمورا آفيسر ۽ عملو پنهنجي گهر ۾ ئي رهندا پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارن جي حفاظت جي لاءِ احتياطي تدابير جي سلسي ۾ حڪومت جي طرفان صحت جي حوالي سان صلاح مشورن تي عمل ڪندا، سمورا عهديدارن سان گڏ انتظاميا جي سربراه احتياطي تدابير سان گڏ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا، وڌيڪ ڪوبہ فيڪلٽي ميمبر يا آفيسر ۽ ٻيو عملو بغير ڪنهن معلومات ۽ اجازت هيڊ ڪوارٽر کان ٻاهر نہ ويندا.
ed tablets viagra.com/activate sildenafil generic dosage viagra pills lowest prices costco viagra india generic does sildenafil raise blood pressure