سن (ويب ڊيسڪ) رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 26 هين ورسي جي موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد امجد خان مهيسر ، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، جساف اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو جي اڳوڻي ۾ مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ لاءِ 32 سال قيد ڪاٽي، سنڌ جي تاريخي حيثيت جي بحالي لاءِ سڄي عمر جدوجهد ڪئي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو قائل هو، جنهن جي فڪر جي تعليمات ۾ سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين. هن سيد چيو رمضان شريف کان پوءِ ڊويزن سطح تي سيد جي ورسي جا جلسا ڪيا ويندا، جنهن جي دعوت هر ننڊي وڏي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هر ماڻهو کي ڏئي سيد جي ورسي واري جلسن کي تاريخي بڻايو ويندو، جسقم جي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر چيو ته سيد سنڌ جو فڪر ڏئي قوم کي سجاڳ ڪري ويو آهي، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ بڻجي ويو آهي، سيد جو فڪر پيار، محبت امن ۽ رواداري جو فڪر آهي، ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطهر سومرو چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌ سان عشق ڪيو ۽ اسان سيد سان عشق ڪيون ٿا، جڏهن ته ان موقعي تي جسقم چيئرمين سان گڏ جيئمسٽ ڪائونسل جا ميمبر ۽ سوين ڪارڪن موجود هئا. جڏهن ته ان کان پهرين سن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ جسقم جيئمسٽ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ڊويزن ستطح تي 26هين ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ پهرين ورسي جو جلسو 30 مئي تي نوابشاھ ڊويزن ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس سن ۾ 12 جون تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، جڏهن ته جيمسٽ جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پاران ٻئي پارٽي ۽ غير واسطيدار ماڻهن سان گڏجي پارٽي خلاف سرگرميون ڪرڻ تي فيصلو ڪيو ته جسقم ڪارڪن سندس مهم جوئي ۽ گروپ بندي جو حصو نه ٿين. جيتوڻيڪ ته اجلاس ۾ جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطهر سومرو، جساف چيف آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو، جيئمسٽ ڪائونسل ميمبر پروفيسر عطا بلو، عثمان ميمڻ، ڊاڪٽر رياض ميراڻي، اياز ڪورائي، ايڊووڪيٽ راجا لطاف شر، آصف رضا مگسي، ياور مهيسر، نور احمد ڀيڊو، هدايت تنيو، منور شيخ ۽ ٻين جي شرڪت رهي.
196