راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ته ملڪ جي 16 شهرن ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح گهڻي آهي، جتي سول ادارن جي مدد لاءِ پاڪ فوج جي مقرري ڪئي وئي آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته سڄي ملڪ ۾ 570 ڄڻا وينٽي ليٽرز تي آهن، 4 هزار 300 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪري ئي اسان هن وبا کان محفوظ رهي سگهون ٿا.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، پشاور، فيصل آباد، ڪوئٽا، مردان، چارسده، آزاد ڪشمير ۽ مظفر آباد ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح انتهائي گهڻي آهي جڏهن ته 51 شهرن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن ٻڌايو ته فوج کي سول ادارن جي مدد لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، هر ضلعي جي سطح تي آرمي جا جٿا سول انتظاميا جي مدد لاءِ صبح 6 وڳي پهچي چڪا آهن، جيڪي موجوده وبائي صورتحال ۾ عوام جي حفاظت ڪندا، ڊويزن جي سطح تي بريگيڊيئر ۽ ضلع جي سطح تي ليفٽيننٽ جنرل معاملا ڏسندو. هن چيو ته رمضان المبارڪ جو مهينو اسان کي احساس ۽ نظم و ضبط جو درس ڏئي ٿو قوم جي حيثيت سان اسان کي سڀ کان اڳ ۾ احتياط ۽ گڏجي اجتماعي ۽ انفرادي ذميواريون نڀائڻيون پونديون. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽين جي ميٽنگ هفتي ۾هڪ ڏينهن ٿيندي. هن چيو ته فوج جو ڪم هنگامي حالتن ۾ سول ادارن جي مدد ڪرڻ آهي ۽ پاڪ فوج آزمائش جي هن گهڙي ۾ عوام جي اميدن تي پورو لهندي جڏهن ته پاڪ فوج انٽرنل سيڪيورٽي الائونس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته هن وقت صحت جو شعبو سخت دٻاءَ ۾ آهي، ملڪ ۾ آڪسيجن جي ڪل پيداوار جو 75 سيڪڙو صحت جي شعبي لاءِ مختص آهي، پر جيڪڏهن ڪورونا جي صورتحال خراب ٿي ته صنعتن جي لاءِ مختص آڪسيجن اسپتالن کي ڏيڻو پوندو.
143