133

نوابشاهه ۾ صفائي ملازم بنا حفاظتي انتظامن جي گٽر نالي جي صفائي ڪندي ساهه ٻوساٽجڻ ڪري فوت

نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) نوابشاهه ۾ ميونسپل انتظاميه جي غفلت سبب صفائي ملازم فوت، تاج ڪالوني ۾ سي ايم او نوابشاهه جي چوڻ تي زبردستي بغير حفاظتي انتظامن جي اڪيلو سيوريج لائين جي صفائي ڪندڙ 45 ورھين جو نعمت مسيح ساھه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته فوتي جي وارثن بلديه انتظاميه تي الزام ھڻندي چيو آهي ته نعمت مسيح کي بغير ڪنھن حفاظتي انتظامن جي چئن ڄڻن جي جڳهه تي اڪيلي ڄڻي کي گٽر ۾ لاٿو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ساھه ٻوساٽجڻ سبب اسان جو نوجوان فوت ٿي ويو، ھنن مطالبو ڪيو ته بلديا انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي ويندي. ٻئي پاسي سي ايم او بلديا نوابشاهه اعجاز شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  مون ان کي نه موڪليو ھو اسان کي جيئن خبر پئي ته اسان اتي پهچي ان کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاھ ۾ پهچايو، جتي جو فوت ٿي ويو، اسان انهن جي گھر وارن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ھن معاملي ۾ بلديا جي ڪا به ناھلي نه آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو