ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي ڪابينا آبادگارن کي وونئڻن ۽ سارين تي سبسڊي ۽ ٽائون آفيسرن کي گريڊ 11 مان 16 ۾ ترقيءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڊويزنل سطح تي منتقل ڪرڻ، صوبي ۾ فوج جي مقرري، ٽائون آفيسرن جي گريڊ 11 کان وٺي گريڊ 16 تائين جي عهدن کي اپ گريڊ ڪرڻ سميت اهم فيصلن جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. ڪوروناوائرس سبب سرڪاري ملازمن جي فوت ٿيڻ تي وارثن کي 10 لک روپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. صوبائي ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعلي هائوس ۾ ٿيو . زراعت کاتي اجلاس کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت خريف جي فصل 2021 دوران آبادگارن لاءِ ڀاڻ (ڊي پي اي)، ڪپهه جي ٻج ۽ اڇي مک کي روڪڻ لاءِ سبسڊي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. سارين ۽ ڪپهه لاءِ ڀاڻ (ڊي اي پي) تي 1500 روپيا في ايڪڙ تي سبسڊي ڏني ويندي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت 75 سيڪڙو پنهنجو حصو وجهندي ۽ سنڌ حڪومت جو حصو 25 سيڪڙو ٿيندو. وفاقي حڪومت 2.7 بلين روپيا جڏهن ته سنڌ حڪومت 902 ملين روپيا ادا ڪندي. ڪپهه جي ٻج تي سبسڊي 1200 روپيا في ايڪڙ شرح سان پوکيل ايراضي جي 66 سيڪڙو لاءِ ڏني ويندي. اڇي مک کي روڪڻ لاءِ سبسڊي 70 سيڪڙو پوک لاءِ 1200 روپيا في ايڪڙ جي شرح تي ڏني ويندي. واضح رهي ته سنڌ ۾ ڪپهه 1.5 ملين ايڪڙ زمين تي ۽ 2 ملين ايڪڙ زمين تي سارين جي پوک ڪئي ويندي آهي. انهن انگن اکرن مطابق سنڌ کي 3.5 ملين ايڪڙن تي سبسڊي گهربل آهي. سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت جي تجويز ڪيل سبسڊي پيڪيج جي منظوري ڏني ۽ سبسڊي پيڪيج ڏيڻ لاءِ هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2010 ۾ 184 ٽائون آفيسر گريڊ 11 ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا. مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه ڪابينا کي درخواست ڪئي ته ٽائون آفيسرن جي پوزيشن کي گريڊ 11 مان ترقي ڏيندي گريڊ 16 ۾ ڪيو وڃي. ڪابينا تجويز کي منظور ڪري ورتو. صوبائي ڪابينا ڪورونا وائرس وگهي پڪي توڙي ڪچي سرڪاري ملازم جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ 10 لک روپيا معاوضي جي منظوري ڏني. مڪاني کاتن جي اداري ڪابينا ۾ سنڌ واٽر ايڪٽ 2020 پيش ڪيو جنهن جا 11 چيپٽرز ۽ ٽي شيڊول آهن. ڊرافٽ ايڪٽ هيٺ سنڌ واٽر ريسورس ڪميشن وڏي وزير جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري ان جو وائيس چيئرمين ۽ ناڻو، ماحوليات، پي ايڇ اي ڊي، زراعت، صنعت، بلديات، ٻيلي ۽ صحت کاتي جا صوبائي وزير ان جا ميمبر مقرر ٿيندا. ڪميشن جي اختيارن ۽ ذميوارين ۾ صوبي اندر پاڻي جي تحفظ، ورڇ ۽ پاڻي جي وسيلن ۾ واڌارو شامل آهن. اهو گهريلو، زرعي، ماحولياتي، صنعتي يا ٻين مقصدن لاءِ پاڻي جا وسيلا مقرر ڪرڻ جو مجاز هوندو. واٽر باڊيز جتان پاڻي نڪرندو آهي يا ڊسچارج ٿيندو آهي ۾ جنگلي جيوت ۽ فشريز کي هٿي وٺرائڻ ۽ سڌارو آڻڻ به ان جي ذميوارين ۾ شامل هوندو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وٽ ڪم گهڻو آهي تنهن ڪري ان کي ڊويزنل سطح تي منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. تجويز هيٺ موجوده ايس بي سي اي ڊائريڪٽر جنرل جي سربراهي ۾ پاليسي ٺاهيندڙ اداري طور ڪم ڪندو. علائقائي / ڊويزنل بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيز هوندا جهڙوڪ ريجنل بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (بي سي اي) ڪراچي، بي سي اي حيدرآباد، بي سي اي ميرپورخاص ، بي سي اي شهيد بينظير آباد، بي سي اي سکر ۽ بي سي اي لاڙڪاڻو. اهڙن اٿارٽين وٽ عمل ڪرڻ ۽ آپريشنل اختيار حاصل هوندا. ڪابينا ايس بي سي اي پاران تجويز ڪيل ريجنل بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا گهٽين ۾ موجود رولو ڪتن جي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ کين ويٽرنري اسپتال ڏانهن کڻي وڃڻ ۽ وري واپس سندن هنڌن تي لاءِ 62 ننڍيون 800 سي سي پڪ اپ خريد ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي، اهي گاڏيون مڪاني ادارن وارو کاتو خريد ڪندو. ڪابينا سنڌ پوليس آرڊر 2002 ۾ ترميم جي منظوري پڻ ڏني، جنهن هيٺ شهيد، فوتي ۽ مڪمل معذور اهلڪارن جي وارثن کي بطور اي ايس آءِ مقرر ڪيو ويندو. ڪابينا پورهيت عورتن جي شموليت جي حوصلا افزائي لاءِ سنڌ فيڪٽريز ايڪٽ 2015 ۽ سنڌ شاپس ۽ اسٽيبلشمنٽ ايڪٽ 2015 ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏني. ڪابينا سنڌ حڪومت پاران تجويز ڪيل سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ايڪٽ 2014 ۽ سنڌ ڪمپني منافعو (ورڪرز ڀاڱي ڀائيواري) ايڪٽ 2015 ۾ ترميمن جي پڻ منظوري ڏني. ڪابينا شنگھائي اليڪٽرڪ لميٽيڊ جي هڪ ماتحت اداري، ميسرز ٿرڪول بلاڪ 1 پاور جنريشن ڪمپني لميٽيڊ کي ٿر ڪول فيلڊ بلاڪ 1 ۾ حاصل ڪيل 232.32 ايڪڙ زمين قرض وٺڻ لاءِ گروي رکرائڻ لاءِ کيس اين او سي جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي.
115