اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ امتحان ملتوي، سياحت مڪمل بند، انٽر سٽي ٽرانسپورٽ تي 30 اپريل کان پابندي هوندي، ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگيون جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 142 ڄڻا وائرس سبب پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 4400 کان وڌيڪ ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن، پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ وائرس جون 43981 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 4487 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 142 ڄڻا فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مثبت اچڻ جي شرح 10 سيڪڙو رهي، سرڪاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 17329 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 8 لک 4939 تائين پهچي چڪا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 87794 آهي، ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5770 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 99818 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 279272 ٿي ويو آهي جڏهن ته 4605 ڄڻا هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، هوڏانهن سنڌ ۾ 19 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1084 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ٻئي طرف وفاقي حڪومت عيد جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سياحت تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، گهرو وزارت اين سي او اجلاس ۾ ڪيل فيصلا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن تحت 8 مئي کان 16 تائين سياحت تي مڪمل پابندي هوندي. گهرو وزارت موجب سياحت تي پابندي عيد جي موڪلن دوران به رهندي، سياحتي ماڳن ۽ ڀرپاسي جا سمورا ريسٽورنٽ، پبلڪ پارڪ ۽ هوٽل مڪمل طور بند رهندا، جڏهن ته ان دوران بين الصوبائي ۽ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ به بند رهندي. نوٽفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عيد جي موڪلن ۾ مري، گليات، سوات ۽ ڪالام ويندڙ روڊ بند رهندا، سامونڊي ۽ اتر علائقن ڏانهن ويندڙ روڊ به بند رهندا، جڏهن ته گلگت بلتستان جي مقامي ماڻهن کي واپس وڃڻ جي اجازت هوندي. گهرو وزارت موجب عيد جي موڪلن دوران بجلي جي بنا وقفي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، جڏهن ته اعتڪاف، شب قدر، جمعته الوداع ۽ عيد لاءِ ايس او پيز وقت سر جاري ڪيون وينديون، جڏهن ته تعليم واري وزارت سڄي ملڪ ۾ 15 جون تائين امتحان ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وزير شفقت محمود چيو ته 18 اپريل تي اسان اين سي او سي جو آخري اجلاس ڪيو هو، ان ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته امتحانن جو سلسلو جاري رکيو ويندو پر 27 اپريل تائين وبا جي پکيڙ ۾ تيزي اچي وئي. هن چيو ته اسان شايد اهڙي صورتحال ڏانهن وڃي رهيا آهيون جو وڌيڪ ڪيسن وارن علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پئي، تنهن ڪري اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته 15 جون تائين ڪي امتحان نه ٿيندا.ٻئي طرف سنڌ جي گهرو کاتي ڪورونا ايس او پيز بابت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو جيڪو 17 مئي تائين لاڳو هوندو. سنڌ جي گهرو کاتي جي حڪم نامي موجب شام 6 وڳي کان صبح سحري تائين سمورو واپار بند رهندو ۽ واپار جو وقت صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين هوندو، سنڌ جي جيلن ۾ قيدين سان ملاقات تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته سمورا خانگي تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب ميرج هالز، بزنس سينٽرز، ايڪسپو هالز، مزارون، بيوٽي پالرز، ٿيم پارڪس، اميوزمنٽ پارڪ ۽ سينيمائون مڪمل بند رهنديون جڏهن ته جمعي ۽ آچر تي صوبي ۾ سمورو واپار ۽ شاپنگ سينٽر بند رهندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي سرڪاري آفيسن ۾ 20 سيڪڙو عملو صبح 9 کان 2 وڳي تائين ڊيوٽي تي موجود هوندو، وفاقي حڪومت ۽ خانگي ادارا 50 سيڪڙو عملو گهرائڻ جا پابند هوندا. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي انٽر سٽي تي 30 اپريل کان پابندي هوندي جڏهن ته انٽر سٽي ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافر سوار ڪرڻا پوندا ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڪورونا ويڪسين جي قيمت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ ويڪسينيشن مهم جاري آهي، آڪسيجن جي فراهمي جي صورتحال تي نظر آهي، عوام عيد سادگي سان ملهائي.
