اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پاڻ کي اين آر او ڏئي رهيو آهي، نواز شريف کي ڪرائيندڙ پاڻ ڪري پيا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز جاويد لطيف جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته مون چيو هو ته هي نالائق حڪومت آهي، اسان ته برداشت ڪري وينداسين پر عوام 5 سال حڪومت برداشت نه ڪندو، جعلي حڪومت ٻارن جي جان خطري ۾ وڌي آهي، جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي ڪجهه ٿيو ته والد عمران خان خلاف رپورٽ ڪرائين. هن چيو ته جاويد لطيف ايترو محب وطن آهي جيترو اسان سڀ آهيون، جيڪڏهن هُو غدار آهي ته پوءِ سڄو ملڪ ئي غدار آهي، ڪشمير اليڪشن اسان جي آهي، راجا فاروق حيدر جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته خاموش نه ويهنداسين. هن چيو ته حڪومت جو بار ان جا ايم اين ايز نه کڻي رهيا آهن، نواز شريف کي ڪرائيندڙ پاڻ ڪري پيا آهن، نواز شريف سموري طاقت سان بيٺل آهي.
201