117

ڀارت ۾ ڪورونا جي خوفناڪ صورتحال، 2764 ڄڻا فوت، ڇهين ڏينهن به 3 لک کان وڌيڪ ڪيس ظاهر

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي خوفناڪ صورتحال ٿي وئي آهي، هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 2764 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ڇهين ڏينهن به 3 لک کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن. رپورٽ موجب نئين دهليءَ جي اسپتال ۾ جڳهه ختم ٿي وئي، مريضن کي آڪسيجن نه ملي، ڪيترائي ماڻهو اسپتال ٻاهران تڙپي تڙپي مري ويا آهن. هوڏانهن عالمي وبا هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 2764 حياتيون کسي ورتيون آهن، 3 لک 19 هزار کان وڌيڪ نون ڪيس جي تصديق ٿي وئي آهي. ٻئي طرف صورتحال خراب ٿيڻ سبب آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيه جي امداد پهچڻ شروع ٿي وئي آهي، جڏهن ته طبي سامان به ڏنو ويو آهي. هوڏانهن طبي ماهرن خبردار ڪندي چيو آهي ته اِها صورتحال رهي ته مئي ۾ روزانو 5 لک کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيندا، اِها ڳڻتي جوڳي صورتحال هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو