207

سپريم ڪورٽ جي جج کي دٻائڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي حڪومتي ڪوشش ناڪام ٿي وئي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز  عيسيٰ بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڀلو آهي. سپريم ڪورٽ جي جج کي دٻائڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي حڪومتي ڪوشش ناڪام ٿي وئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عدليه تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آئي حڪومت جي انهن سمورن ڪردارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي جن عدليه تي حملي جي سازش ڪئي. احتساب جي شروعات وزيراعظم کان ڪرڻ گهرجي جنهن سپريم ڪورٽ تي حملي جي نيت سان ريفرنس اڳتي وڌايو. هن وڌيڪ چيو ته صدر عارف علوي عدليه تي حملي لاءِ وزيراعظم جي ساٿي جو ڪردار ادا ڪيو اهو عهدي تي رهڻ جو جواز وڃائي ويٺو آهي ۽ کيس استعفا ڏيڻ گهرجي. ان کان اڳ هڪ ٻي بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته  ٻه نه هڪ پاڪستان جو نعرو هڻندڙ عمران خان اميرن لاءِ الڳ ۽ غريبن لاءِ الڳ پاڪستان ٺاهيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نئين پاڪستان جي ايمنسٽي اسڪيمن ۾ ٽيڪس چورن لاءِ رليف آهي ۽ ٽيڪس ڏيندڙ پگهار دار طبقي لاءِ مهانگائي آهي، ڇا پورهيتن ۽ آبادگارن کان سبسڊي کسي رڳو اميرن کي نوازڻ عمران خان جي تبديلي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اڻ برابر معاشي پاليسين سبب امير ۽ غريب ۾ فرق گهرو ٿيندو پيو وڃي، پيپلز پارٽي اڪيلي پارٽي آهي، جيڪا عام ماڻهن جي حالتن کي سامهون رکي معاشي پاليسيون ٺاهيندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو