157

ڪورونا ايمرجنسي ڊڪليئر ڪئي وڃي، سياست نه ٿيڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه خلاف داخل ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پ پ ايم اين اي کي ايمبولينس ذريعي اين آءِ سي وي ڊي مان احتساب عدالت آندو ويو، ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر ۽ خورشيد شاهه جي وڪيل دليل ڏنا، جنهن بعد جج فريد انور قاضي ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا ايمرجنسي ڊڪليئر ڪئي وڃي ۽ ان تي ڪنهن کي به سياست نه ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ پريشان عوام جو خيال ڪيو وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين لڳرائي وڃي، هن چيو ته اسان ڪافي اتحاد ٺهندي، ڊهندي ۽ وري ٺهندي ڏٺا آهن، عمران خان کي 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن جيئن چڱي ريت عوام آڏو وائکو ٿي سگهي، هن چيو ته سياست ۾ معافيون نه پر نظرياتي سوچ هوندي آهي، هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ وارو فيصلو بهتر آهي، عدالتن ۾ تمام سٺا ۽ آزاد سوچ رکندڙ جج آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو