124

حيدرآباد ۾ فوج پهچي وئي، ڇاپا، ڪيترائي دڪان سيل، فليگ مارچ

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پاڪ فوج پهچي وئي آهي، پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس گڏيل فليگ مارچ ڪيو، مختلف هنڌن تي جوانن کي الرٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انتظامي عملدارن پوليس ۽ رينجرز  گڏيل طور ڪارروايون ڪري ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪيترائي ڪيترائي دڪان، هوٽل ۽ شوروم سيل ڪيا ويا، قاسم آباد ۾ جي مختلف علائقن ۾ پڻ ڪارروايون ڪيون ويون، ٻئي طرف شهر ۾ ايس او پيز تي عمل لاءِ مسجدن مان پڙها ڏياريا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو