204

ايف آءِ اي جا 53 اهلڪار فوري فارغ ڪرڻ جو حڪم، عدالتي حڪمن تي عمل ناهي ٿيو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي جا 53 اهلڪار فوري فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏئي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالتي حڪمن تي عمل ناهي ٿيو. رپورٽ موجب چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ايف آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ توهين عدالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اعجازالحسن ايف آءِ اي جي رپورٽ تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ 2001ع ۾ سمورن ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ 3 هدايتون ڏنيون هيون پر عمل نه ٿيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم مطابق مقرريون پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪرڻيون هيون، ايف آءِ اي حڪمن تي عمل ئي نه ڪيو، ايف آءِ اي رپورٽ ته سڄو ڪچو چٺو کولي ڇڏيو، هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اثرانداز نٿو ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ملازم ٻين عدالتن ۾ هليا ويا، اڄ ئي انهن ملازمن کي فارغ ڪيو وڃي، جن ملازمن ايف پي ايس سي ٽيسٽ پاس ناهي ڪئي انهن کي فوري طور تي نوڪريون مان فارغ ڪيو وڃي، ڊي جي ايف آءِ اي 15 ڏينهن ۾ عملدرآمد رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو