اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ۾ سڌو سنئون ڀرتي ٿيل 52 آفيسر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نوڪرين تان برطرف ڪيا ويا آهن، وفاقي جاچ ايجنسي جي ڊي جي آفيسرن کي ڀرتي ڪيو،نوڪريون ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، برطرف ڪيلن ۾احمد جان خان،گلشير مغيري،رشيد سومرو،زبير پيچوهو،غلام اڪبر زرداري ۽ رشيد شيخ شامل آهن، عالم زيد،طاهر جان دراني،شفيق ڪلوڙ،فهيم اقبال،پرويز احمد،رحمت الله ڊومڪ ۽ ٻين کي برطرف ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته پبلڪ سروس ڪميشن ٽيسٽ ۽ انٽرويو کانسواءِ آيل سمورا ملازم فارغ ڪيا وڃن.
207