120

ڀارت ۾ڪورونا ڪيسن جو عالمي رڪارڊ،4 لک کان وڌيڪ ڪيس پازيٽو،700 استادن دم ڏنو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن جو عالمي رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي، هڪ ڏينهن ۾ 4 لک کان وڌيڪ ڪيس پازيٽو آيا آهن، 700 استادن سميت 3523 استاد فوت ٿي ويا،رپورٽ موجب ڀارت جي مختلف شهرن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 لک 1993 ڪيس پازيٽو آيا، جڏهن ته 3523 ڄڻن کان عالمي وبا حياتيون کسي ورتيون آهن، هوڏانهن اتر پرديش ۾بلدياتي چونڊن دوران ڊيوٽي ڏيندڙ 700 کان وڌيڪ استاد ڪورونا وائرس ۾مبتلا بعد فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته گجرات جي خيراتي اسپتال ۾ڪورونا وارڊ ۾باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 18مريض سڙي فوت ٿي ويا،جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن کي ٻين اسپتالن ۾داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آمريڪا ڀارت تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون آهن، جڏهن ته آمريڪا ڀارت تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون،آسٽريليا پاران انڊيا مان ايندڙ شهرين تي 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جو اعلان ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو