اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي پرڏيهي قرض چڙهي ويا، هلندڙ مالي سال 7 ارب 40 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جي واڌ ٿي وئي، رپورٽ موجب وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن جي پرڏيهي قرضن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جولاءِ کان مارچ 2021ع تائين حڪومت 7 ارب 41 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جو پرڏيهي قرض حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرئين 9 مهينن دوران پاڪستان 4 ارب 86 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرض واپس ڪيو، هڪ ارب 34 ڪروڙ 90 لک ڊالر بجيٽ سپورٽ ۽ 3 ارب 12 ڪروڙ ڊالر ڪمرشل قرضن لاءِ ورتا ويا آهن.
