جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ خوفناڪ روڊ حادثو، جيڪب آباد واسي 5 ڄڻا موقعي تي فوت. ان سلسلي ۾ قلعا سيف الله واري علائقي جي ڳوٺ گرنگ وٽ ڪار ۽ ڪوچ وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، حادثي سبب جيڪب آباد جي اسٽيشن روڊ واسي سعيد احمد چاچڙ ۽ فيملي لائين واسي احمد علي پنهيار، رياض سولنگي، نياز سولنگي ۽ عابد علي ڏنگر به موقعي تي ئي دم ڏنو. هوڏانهن حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي لاش تحويل ۾ ورتا، 5 ئي ڄڻن جا لاش قلعا سيف الله اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه رات دير سان جيڪب آباد آندا ويا ته گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.
120