اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ برازيل ۽ ڏکڻ آفريقي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، وڌيڪ 146 ڄڻا فوت ٿي ويا، 4696 ڪيس پازيٽو آيا، رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر تيزي سان پکڙِجي رهي آهي، جڏهن ته پنجاب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، جنهن بعد لاهور ۾مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾اپريل ۾ڪيس وڌي ويا آهن، هوڏانهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾اپريل جي آخري هفتي ۾ڪورونا ڪيسن ۾واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪورونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو تھ آھي تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جڏھن تھ 1178 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 418 مريض صحتياب ٿيا. ڇنڇر ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وبا ڪوويڊ19 بابت جاري ٿيل تفصيلن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 14739 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ 1178 نوان ڪيس سامھون آيا آھن جيڪي تشخيص واري شرح جو 8 سيڪڙو آھي. ھن چيو تھ 24 ڪلاڪن دوران 13 انساني زندگيون ان وبا جو شڪار ٿيون جڏھن تھ فوتگين جو گڏيل انگ 4658 يعني 1.7 سيڪڙو آھي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ھن وقت تائين 3651515 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي ۽ گڏيل طور تي 284737 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. ھن چيو تھ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 418 مريض صحتياب ٿيا آھن جنھن سان صحتياب مريضن جو گڏيل انگ 264832 ٿي ويو آھي جيڪو بحاليءَ واري شرح جو 93 سيڪڙو آھي. وڏي وزير چيو ته هن وقت ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 15247 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 14620 سندن گهرن اندر قرنطينا آهن، 7 آئيسوليشن سينٽرن ۾ آهن ۽ 620 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 584 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 44 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 1178 نون ڪيسن مان 419 ڪراچي شھر مان سامھون آيا آهن. جڏھن تھ صوبي جي ضلعن بابت انگ اکر اھڙيءَ ريت آھن، اوڀر ڪراچي 235، حيدرآباد 207، سکر 85، ڏکڻ ڪراچي 83، نوشھرو فيروز 59، سانگھڙ 46، ملير 42، شڪارپور 42، ٽنڊو الھيار 36، نوابشاھھ 34، ميرپورخاص 32، ڪورنگي 29، سينٽرل ڪراچي 24، ڄامشورو 23، ٽنڊو محمد خان 18، بدين 13، دادو 13، لاڙڪاڻو 12، خيرپور 10، گھوٽڪي 7، ڪشمور 7۽ اولھھ ڪراڇي 6 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آھي تھ احتياطي اپائن کي اپنايو ۽ ڪوويڊ19 بابت جاري ايس او پيز تي لازمي طور تي عمل ڪيو وڃي.هوڏانهن اين سي او سي جو اجلاس منصوبا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ قومي ڪوارڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان خان شرڪت ڪئي، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد، مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جنهن بعد يوم علي عه جي موقعي تي هر قسم جي جلوسن تي پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزارت موجب ايس او پيز تحت محدود پئماني تي مجلسون ڪرڻ جي اجازت هوندي.
122