اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي پارٽين کي دعوت ڏني آهي ۽ چيو آهي ته اهي چونڊ سڌارن جي لاءِ اسان سان گڏجي ويهن. چونڊن جي ساک رڳو ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان ئي بحال ٿي سگهي ٿي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽويٽ ۾ وزيراعظم وڌيڪ چيو ڪراچي جي اين اي 249 ۾ گهٽ ٽرن آئوٽ جي باوجود سموريون پارٽيون ڌانڌلي جو گوڙ ڪري رهيون آهن، ايئن ئي ڊسڪا ۽ سينيٽ جي تازين چونڊن ۾ به ٿيو، بدقسمتي سان 1970ع کان پوءِ پاڪستان ۾ هر چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا ويا جنهن سان چونڊ نتيجن جي ساک تي سوال اٿاريا ويا. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ 133 چونڊ تڪن ۾ نتيجن جي خلاف پٽيشنون داخل ڪيون ويون، اسان رڳو چار تڪ کولڻ جو مطالبو ڪيو ۽ انهن چئن ئي تڪن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي، ان تي اسان کي هڪ سال لڳو ۽ اسان کي پوءِ 126 ڏينهن جو ڌرڻو هڻڻو پيو، جنهن کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن ٺهيو ۽ ان چونڊن واري عمل ۾ 40 خامين جي نشاندهي ڪئي پر بدقسمتي سان ڪي به سڌارا نه ڪيا ويا. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٽيڪنالاجي ئي چونڊن جي ساک قائم رکڻ جو واحد حل آهي، آئون مخالف ڌر کي دعوت ٿو ڏيان ته اهي اسان سان گڏجي ويهن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ماڊل جي چونڊ ڪن، اسان پنهنجي چونڊ ساک کي بحال ڪرڻ جي لاءِ حاضر آهيون. هن چيو ته ٽرمپ 2020ع جي صدارتي چونڊن کي تڪراري ڪرڻ جي لاءِ هر ڪڌو استعمال ڪيو پر چونڊ عمل ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪا بدانتظامي نه ملي سگهي. هن چيو ته اسان هڪ سال کان مخالف ڌر کي چئي رهيا آهيون ته اها اسان سان تعاون ڪري ۽ موجوده چونڊ عمل ۾ سڌارن جي لاءِ تعاون ڪري. اسان جي حڪومت پنهنجي چونڊ عمل ۾ شفافيت آڻڻ ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي چونڊ نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ پرعزم آهي.
