اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تڪ اين اي 249 ۾ ٽرن آئوٽ تمام گهٽ رهيو، اليڪشن ڪميشن منع نامو ڏئي سٺو ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي ڳڻپ بدران چونڊ ٻيهر ڪرائڻ گهرجي. ڇنڇر ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 21 سيڪڙو رجسٽرڊ ووٽ وڌا ويا، کٽيندڙ اميدوار 5 سيڪڙو کان به گهٽ ووٽ حاصل ڪري ايم اين اي ٿيو، اهڙي قسم جي اليڪشن جمهوريت سان مذاق ٿيندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جون حالتون سڀني کي خبر آهي، پيپلزپارٽي جي اميدوار جي فتح تي سمورين پارٽين تنقيد ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هر اليڪشن ۾ هارائيندڙ پارٽي کٽيندڙ تي تنقيد ڪندي آهي ۽ ٻيهر چونڊ جو مطالبو ڪندي آهي. هن چيو ته عمران خان اهو واحد ليڊر آهي جيڪو بار بار ان معاملي تي اتفاق پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏئي رهيو آهي، اسان ان مسئلي تي سياسي پارٽين کي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر سڌارن جي لاءِ تيار نه آهي ته روئي به نه.
![](https://dailysobh.com/wp-content/uploads/2021/03/fawadddddddddddd.png)