195

اين اي 249 تي ٿيل چونڊ جي نتيجا اچڻ ۾ گهڻي دير ڇو ٿي ان جو ڪارڻ اليڪشن ڪميشن ٻڌائي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته  اين اي 249 تي ٿيل چونڊ جي نتيجن ۾ دير ڇو ٿي اهو اليڪشن ڪميشن ٻڌائي. هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان 10 ڏينهن اڳ محمد زبير کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسان(ن) ليگ کي شڪست ڏئي چڪا آهيون. هاڻ اسان جو مقابلو ٽي ايل پي سان آهي.ٻيهر ڳڻپ واري سوال تي سعيد غني چيو ته مسلم ليگ(ن) ٻيهر ڳڻپ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏئي. هو پنهنجو قانوني حق استعمال ڪري سگهي ٿي. اسان پنهنجو قانوني حق استعمال ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو