128

مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز عمران خان جي ڳالهين واري آڇ رد ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز وزير اعظم عمران خان جي چونڊ سڌارن تي ڳالهين واري آڇ رد ڪري ڇڏي آهي. مريم نواز شريف وزير اعظم عمران خان جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي چيو ته ڊسڪه اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو الزام توهان جي پارٽي تي لڳو، ٻيهر اليڪشن کان ڀڄڻ جي ڪوششن جي باوجود عوام ٻيو ڀيرو توهان کي شڪست ڏني. مريم نواز چيو ته اين اي 249 ۾ به توهان جي پارٽي آخري نمبر تي آئي، ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، لاڳاپيل نظر اچڻ جي ڪوشش نه ڪريو، عوام توهان کي هر هر رد ڪري چڪو آهي، هاڻ توهان استعفا ڏئي ڇڏيو، وڌيڪ هوشيار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي اليڪشن کي دٻاءَ ۾ نه آڻيو ۽ فارن فنڊنگ ڪيس کان ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽويٽر تي پنهنجي ٽويٽ ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو اين اي 249 جي ننڍي چونڊ جي نتيجن جي حوالي سان چوڻ هو ته جيڪڏهن شفاف آهي ته ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ ۾ ڪنهن کي پريشاني نه ٿيڻ گهرجي. مريم نواز جو چوڻ هو ته تڪ 249 ۾ ڪامياب جو مارجن ڪجهه سئو ووٽن جو آهي ۽ رد ٿيل ووٽ ڪاميابي جي فرق کان وڌيڪ آهن ۽ 56 سيڪڙو گهٽ فرق تي ٻيهر ڳڻپ اسان جو قانوني ۽ آئيني حق آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کان درخواست آهي ته مسلم ليگ ن کي سندس حق ڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو