اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ڊاڪٽر رضوان کي شگر اسڪينڊل جاچ ٽيم جي سربراهي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، حڪومت ايف آءِ اي آفيسر کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو پيغام ڏنو آهي، ڊاڪٽر رضوان جي ٽيم ايڊيشن ڊي جي ايف آءِ اي ابوبڪر خدا بخش کي رپورٽ ڪندي، هوڏانهن جاچ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي 3 مئي ڪيس جو جائزو ورتو.
