اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمد الله چيو آهي ته ڌانڌلي جي گندي ڍير تي بيٺل حڪومت چونڊ سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان چونڊ سڌارن جو ليڪچر ڏئي قوم کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، موجوده حڪومت کنڊ، اٽي، دوائن ۽ مختلف قسمن جي چوري جو مجموعو آهي، هن چيو ته جنهن وزير تي ڪرپشن جو الزام لڳي ٿو،ان جي رڳو وزارت مٽائي وڃي ٿي.
129