124

ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن پاران عيد موڪلن تي وزيراعظم کي نظرثاني جو مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي سربراهه گوهر اعجاز وزيراعظم عمران خان کي خط لکي عيدالفطر جي موڪلن تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو آهي ته اسان جو ملڪ ايتريون موڪلون برداشت نٿو ڪري سگهي، عيد جون موڪلون صرف چار ڏينهن ڪيون وڃن، حڪومت 10 ڏينهن تائين پيداوار ۽ ٽرانسپورٽيشن بند نٿي ڪري سگهي. ان سان قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو