198

سنڌحڪومت ”بينظير مزدور ڪارڊ“ جاري ڪري ڇڏيو ، پورهيتن کي تعليم، صحت، شاديءَ لاءِ مالي مدد ۽ پينشن ملندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ  چيو آھي تھ وفاقي حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاھدي ملڪ جي صنعت کي تمام گھڻو متاثر ڪيو آھي ۽ جنھن ڪري اسان جا پورھيت پنهنجي حقن کان محروم آھن. وفاقي حڪومت ايف بي آر کي ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي اوڳاڙيءَکان روڪي ۽ ھن وقت تائين گڏ ڪيل ناڻو سنڌ حڪومت کي منتقل ڪيو وڃي. اھا ڳالھھ ھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ ليبر کاتي جي انتظام هيٺ بينظير مزدور ڪارڊ  ورھائڻ واري تقريب کان خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، سعيد غني، سيد ناصر حسين شاھھ، ڄام اڪرام الله ڌاريجي، وڏي وزير جي صلاحڪار وقار مھدي، صنعتڪار زبير موتي والا، مزدور يونين جي اڳواڻن، ورڪرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو تھ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آھي، بينظير مزدور ڪارڊ جي شروعات ڪري پورھيتن جو ڏھاڙي ملھايو  آهي، جنھن سان پورهيت طبقو سمورا ضروري فائدا ۽ سھولتون جھڙوڪ تعليم، صحت، شاديءَ جي گرانٽ، مالي مدد، وظيفا ۽ سڀ کان وڌيڪ پينشن کان فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو. ھن چيو تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پورھيت دوست پاليسين کي جاري رکيو، جنھن هيٺ ورڪرن کي حصو ڏنو ويو ۽ ورڪرن جي حقن لاءِ ٽريڊ يونين موجود ھيون پر جڏھن آمر جنرل ضياءَ اقتدار ۾ آيو تھ ھن پورھيتن جا سمورا حقن کسي ورتا. بلاول ڀٽو ياد ڏياريندي چيو تھ بينظير ڀٽو سندس پھرين دور ۾ پورھيتن جا کسيل سمورا حق کين واپس ڪيا ۽ انھن کي مضبوط ڪيو ۽ انھن لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪيا. چيئرمين بلاول ڀٽو  وفاقي حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاھدي تي تنقيد ڪندي چيو تھ ان صنعتن کي تمام متاثر ڪيو آھي، جڏھن صنعتون بيھجي وينديون آھن تھ روزگار جا موقعا گھٽ ٿي ويندا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ اڄ صنعتي پيداوار گھٽجڻ سبب ھزارين پورھيت بيروزگار ٿي ويا آھن. پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ حڪومت کي بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ کي ھدايت ڪئي تھ بينظير مزدور ڪارڊ جي فائدن ۾ واڌ ڪئي وڃي. ھن چيو تھ صدر آصف علي زرداريءَ جي دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت زراعت ۽ صنعت وارن شعبن کي ھٿي ڏني. ھن چيو تھ اسان غريب عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ جاري ڪيو تھ جيئن اھي پنھنجيون گھرجون پوريون ڪري سگھن. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اسان جي حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقي سميت غريبن جي خدمت تي يقين رکندي آھي ۽ انھن کي سندن مناسب حق ۽ احترام فراھم ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ ارڙھين ترميم هيٺ ڪنڪرنٽ قانونسازيءَ واري لسٽ ختم ڪئي وئي ۽ لسٽ ۾ شامل ليبر سميت سمورن مضمونن کي صوبن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت پورهيتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترائي قانون لاڳو ڪيا آھن. ھن چيو تھ مون کي اھو چوندو فخر ٿو محسوس ٿئي تھ صوبائي حڪومت پورھيت دوست 16 قانون لاڳو ڪيا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ھدايت تي اسان جي حڪومت فيصلو ڪيو آھي تھ يونيورسل سوشل سيڪيورٽي قائم ڪئي ويندي. وڏي وزير اعلان ڪيو تھ سوشل سڪيورٽيءَ جو دائرو وڌائيندي سمورن ورڪرن سميت ملازمن، جنھن ۾ سيلف ورڪ ۽ گھريلو ملازمن کي پڻ شامل ڪيوويندو.  سنڌ ۾ سماجي تحفظ جي عالمگيريت واري تصور مطابق جوڙيو ويندو. مراد علي شاھھ چيو تھ جيڪو سيسي ۾ پاڻ کي شامل ڪرائڻ چاھي ٿو ۽ حڪومت پاران مقرر ڪيل گھٽ ۾ گھٽ پگهار جو 6 سيڪڙو حصو ڏيندو ته ان کي بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. سنڌ جي پورھيتن کي سوشل سڪيورٽي ورڪرز ويلفيئرز فنڊ واري قانون هيٺ تعليم، صحت ۽ مالي مدد جھڙا سمورا فائدا ۽ سھولتون ملنديون. وڏي وزير چيو تھ سيسي گذريل سال سيپٽمبر ۾ نادرا سان اسمارٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ ھڪ معاھدو ڪيو جنھن کي بينظير مزدور ڪارڊ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو تھ جيئن مزدورن کي تحفظ ڏئي سگھجي. مراد علي شاھھ وڌيڪ چيو ته ارڙھين آئيني ترميم تي ان جي اصل روح مطابق عمل ڪرڻ سان گڏوگڏ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ اي او بي آءِ فوري طور تي سنڌ کي منتقل ڪيو وڃي. ھن چيو تھ ملڪيتون سنڌ حڪومت کي منتقل ڪيون وڃن. مراد علي شاھھ وفاقي حڪومت تي زور ڀريو تھ ايف بي آر کي ھدايت ڪئي وڃي تھ اھي ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي اوڳاڙي بند ڪئي وڃي ۽ ھن وقت تائين گڏ ڪيل فنڊن کي سنڌ حڪومت ڏانھن منتقل ڪيا وڃن. سعيد غني خطاب ڪندي چيو تھ صنعتي يونٽن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن جو انگ صوبي ۾ رجسٽرڊ ورڪرن جي ڀيٽ ۾ گھڻو آھي. ھن سمورن پورھيتن کي داخل ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪيو تھ جيئن اھي بينظير مزدور ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪري سگھن. ھن چيو تھ شھيد بينظير ڀٽو جو خواب ھو تھ پورھيتن کي سموريون ضروري سھولتون فراھم ڪيون وڃن ۽ اڄ شھيد بينظير ڀٽو جو خواب پورو ٿيو آھي. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن ۾ صعنتڪار زبير موتي والا، پورھيت اڳواڻ حبيب الدين جنيدي ۽ سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگي شامل ھئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

2 تبصرے “سنڌحڪومت ”بينظير مزدور ڪارڊ“ جاري ڪري ڇڏيو ، پورهيتن کي تعليم، صحت، شاديءَ لاءِ مالي مدد ۽ پينشن ملندي

  1. ڪيول ڪمار مارواڙي ڀيل ٽنڊو محمد خان صلح

پنهنجي راءِ ڏيو