نئون آباد (ويب ڊيسڪ) نئون آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ تلا شاهه ۾ گذريل ڏينهن خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان پاڻي جي واري تان ڌرين ۾ جهيڙي ۾ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڳوٺاڻو 45 ورهين جو محمد يعقوب خاصخيلي حيدر آباد ۾ اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو ، نئون آباد پوليس لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو. لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته مقتول جي ڀاءُ محمد صالح خاصخيلي جي فرياد تي ڇهن ڄڻن تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ شاهنواز خاصخيلي،علي حسن خاصخيلي، نورعلي، روشن علي صدام، نواز خاصخيلي کي نامزد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن نئون آباد پوليس جو چوڻ آهي پراڻي زميني تڪرار تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل محمد يعقوب خاصخيلي فوت ٿي ويو آهي، صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ٻئي طرف مقتول جي آخري رسمن ۾ پ پ ايم پي اي ڄام شبير علي خان پڻ شريڪ ٿيو ۽ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڌرين کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪئي.
211