208

اداڪاره حرا ماني کان ڦورو گهر ٻاهران موبائل ڦري فرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي وي ڊرامن جي مشهور اداڪاره حرا ماني کان سندس گهر ٻاهران ڦورو موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا آهن، حرا ماني سوشل ميڊيا تي هڪ سي سي ٽي وي جي فوٽيج شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حرا ماني ٻارن سان گڏ ڪار ۾ سوار ٿي گهر ٻاهران بيٺل آهي ته موٽرسائيڪل ۾ سوار ڦورو هٿيارن جي زور تي کانئس موبائل فون ڦر ڪن پيا، جڏهن ته هو آسان سان فرار پڻ ٿي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو