اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر تيزي سان پکڙجڻ لڳي، وڌيڪ 113 ڄڻا فوت ٿي ويا، ايران،افغان سرحد بند ڪرڻ ۽ 8 کان 16 مئي تائين چرپر روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب نيشنل ڪمانڊ ۽ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم کي روڪڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو، جنهن بعد ايران ۽ افغانستان جي سرحد بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اين سي او سي موجب ڪورونا وائرس جي نئين قسم کي روڪڻ لاءِ ايران-افغان سرحد بند ڪنداسين،اها پابندي 4 ۽ 5 مئي جي رات هڪ وڳي کان 19 ۽ 20 مئي جي رات تائين لاڳو هوندي،زميني رستي ايندڙ ماڻهن تي اها پابندي هوندي، ڪارگو گڏيل واپار ۽ پاڪ-افغان ٽريڊ تي پابندي نه هوندي،بارڊر ٽرمينل هفتي ۾ 7 ڏينهن کليل رهندو،هيلٿ ڪيئر ورڪرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جو تعداد وڌايو ويندو، پاڪستان ۽ افغانستان ۾موجود پاڪستانين کي واپسي،افغانستان ۽ ايران مان طبي بنيادن تي ايندڙن ۽ افغانستان ۽ ايران جي شهرين کي واپسي جي اجازت هوندي، اين سي او سي موجب ڀارت وبا کي نظرانداز ڪيو،اڄ هو ان بيماري سان وڙهي رهيو آهي، 8 کان 16 مئي تائين چرپر روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻنداسين،”گهر ۾ رهو محفوظ رهو“. هوڏانهن عالمي وبا تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾24 ڪلاڪن دوران 113 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 4414 ڄڻن ۾وائرس جي تصديق ٿي آهي، پازيٽو ڪيسن جي شرح 9.74 سيڪڙو رهي. ٻئي طرف حيدرآباد ۾40 سيڪڙو ڪيسن ۾برطانوي وائرس جي تصديق ٿي آهي، ٽن ڏينهن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هفتي ۾هڪ هزار ڪيس پازيٽو آيا آهن، لمس ڄامشوري جي وي سي ڊاڪٽر بيکارام موجب حيدرآباد ۾ برطانوي وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته برازيل يا ڏکڻ آفريڪا جي وائرس جي جاچ لاءِ ٽيسٽون ڪرائي رهيا آهيون، شهري احتياط ڪن. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 مريضن جون حياتيون ضايع ٿي ويون آهن جڏهن ته 888 نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، 586 مريضن جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته 52 ڄڻن کي وينٽيليٽر تي تي رکيو ويو آهي.
109