اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان بغير پروٽوڪول اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، وزيراعظم عمران خان پنهنجي گاڏي پاڻ هلائي، سي ڊي اي چيئرمين عامر احمد علي ساڻس گڏ موجود هو، وزيراعظم عمران خان سان وزيراعظم آفيس جو ڪو به اهلڪار موجود نه هو، وزيراعظم عمران خان ارجنٽائن پارڪ،ٽريل فائيو،مرغزار ۽ مارگله روڊ جو دورو ڪيو، جڏهن ته وڻڪاري مهم دوران لڳايل ٻوٽن کي به چيڪ ڪيو. اسلام آباد ۾ مرمت ڪيل روڊن جون معائنو ڪيو. سي ڊي اي چيئرمين ترقياتي ڪمن بابت کيس بريفنگ ڏني.
