240

حڪومت چونڊ سڌارن تي ڳالهائڻ جي اهل ئي ناهي،پي ڊي ايم اسان ٺاهي،شوڪاز ڏيڻ تي معافي وٺن: پيپلز پارٽي

اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيو آهي ته ڪراچي ضمني چونڊ ۾ اسان جو مقابلو ن ليگ نه پر ٽي ايل پي سان هو، (ن) ليگ پي ڊي ايم ۾بحران پيدا ڪيو، سليڪٽر کانسواءِ فتح ممڪن ناهي ته توهان ضمني چونڊون ڪيئن کٽيون؟ مولانا فضل الرحمان ۽ مسلم ليگ (ن) حڪومت کي 5 سال ڏيڻ چاهين ٿا،اسان احتجاج ڪنداسين، ڪا جماعت گڏجڻ چاهي ٿي ته اچي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آصف علي زرداري کي ضمانت ملي ته چئو ٿا ڊيل آهي،شهباز ۽ حمزه جي ضمانت اصولن جي فتح قرار ڏيو ٿا، ٻٽو معيار نه هلندو، مريم نواز کان وڌيڪ عدالتن مان ڪنهن کي رليف ناهي مليو، شاهد خاقان عباسي ٻڌايو ته سندس نالو اي سي  ايل مان ڪنهن ڪڍيو هو، مسلم ليگ (ن) عمران خان ۽ بوزدار جي حڪومت ڪيرائڻ نٿي چاهي، پيپلزپارٽي اليڪشن کٽي ته ڊيل ۽ جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) کٽي وڃي ته ماڻهن ووٽ ڏنو، اهو ٻٽو معيار هاڻي نه هلي سگهندو، صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته سليڪٽرز جي مدد سان ڪراچي جي تڪ اين اي 249 ۾ کٽڻ جو الزام افسوسناڪ آهي،ان تڪ ۾حد کان وڌيڪ خوداعتمادي (ن) ليگ جي شڪست جو سبب بڻي، هن چيو ته جيڪڏهن سليڪٽرز کانسواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي ته پوءِ مسلم ليگ (ن) ڊسڪه،وزيرآباد ۽ نوشهره ۾ ضميني چونڊون ڪيئن کٽيون؟چئو ٿا ته اها اسان جي بيان جي فتح آهي، پيپلزپارٽي جڏهن به ضمني چونڊون کٽيندي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي جو الزام هنيو ويندو آهي،مسلم ليگ (ن) جو اهو ٻٽو معيار هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو، هوڏانهن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته پي ڊي ايم ٺاهڻ وارا اسان آهيون، اهي ڪير ٿيندا آهن اسان کان معافي جو مطالبو ڪرڻ وارا؟ انهن کي پنهنجو شوڪاز واپس وٺي معافي گهرڻي پوندي. اسلام آباد ۾ فرحت الله بابر ۽ نئير بخاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ اڄ به حڪمرانن مان ڇوٽڪارو چاهي ٿي، ن ليگ ۽ فضل الرحمان تحريڪ انصاف حڪومت کي 5 سال ڏيڻ چاهين ٿا، پي ڊي ايم ۾ بحران جو سبب ن ليگ آهي، جيڪا جماعت اسان سان احتجاج ۾ اچڻ لاءِ تيار آهي ته اچي. پي ڊي ايم سربراهه طرفان پ پ کان پنهنجي رويي تي معافي کانپوءِ اتحاد ۾ واپسيءَ جي سوال تي جواب ۾ فرحت الله بابر چيو ته پي ڊي ايم ٺاهڻ وارا اسان آهيون، اڳ ۾ انهن کي شوڪاز تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ معافي گهرڻي پوندي، پوءِ پي ڊي ايم ۾ گڏجي اڳتي هلڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. هنن چيو ته اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حق ۾ ناهيون، موجوده حڪومت چونڊ سڌارن تي ڳالهائڻ جي اهل ناهي، پي ٽي آءِ حڪومت نه اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ سنجيده آهي ۽ نه ئي ڳالهائڻ جي اهليت رکي ٿي، عمران خان پارليامينٽ جو جيئن استعمال ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي. سندن چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن طرفان اين اي 249 ۾ ٻيهر ڳڻپ سميت آئين ۽ قانون جي اندر رهندي هر فيصلي کي تسليم ڪيون ٿا، پ پ جو وجود عوام جي اندر آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو