اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائي14 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، جنهن ڪري ڏهاڙي ڪمائيندڙ پورهيتن جو گذران ڏکيو بڻجي ويو آهي، شماريات واري کاتي جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب جولاءِ کان اپريل تائين مهانگائي جي سراسري شرح 8.62 سيڪڙو رهي،سالياني بنياد تي 11.1 سيڪڙو ٿي وئي آهي، شهري علائقن ۾مهانگائي جي مارچ سطح 8.7 سيڪڙو کان وڌيڪ 12 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين ۾9.5 کان وڌي 11.3 سيڪڙو رهي آهي، جڏهن ته ڪوڪنگ آئل 9.99،گوشت 1.64،سايون ڀاڄيون 29.50،ميوات 22.32 ۽ پيٺل مرچ 86.59 سيڪڙو مهانگا ٿيا آهن، هوڏانهن کاڌ خوراڪ جي ٻين شين جا پڻ من پسند اگهه مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري پورهيت طبقو وڏي عذاب ۽ پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي.
202