حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) صحافت جو اڄ عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو، سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به صحافت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تقريبون رکيون ويون آهن، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان اڄوڪو ڏينهن سنڌ ۾ سچائي سان صحافتي ذميواريون نڀائيندي قلم جي سربلندي لاءِ اظهار جي آزادي واري راهه ۾ جانين جا نذرانه ڏيندڙ شهيد صحافين جي نانءُ ڪندي اڄ ايس او پيز تحت افطاري بعد حيدرآباد پريس ڪلب سامهون شهيد صحافين جي تصويرن آڏو گل رکي ڏيئا ٻاري کين ڀيٽا ڏني ويندي. ٻئي طرف انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس پنهنجي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته 1990 کان 2020 تائين سموري دنيا ۾ 2658 صحافين کي قتل ڪيو ويو. جڏهن ته لسٽ ۾ پاڪستان، انڊيا، ميڪسيڪو، فلپائن ۽ عراق کي صحافت لاءِ بدترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 1990 کان 2020 تائين 138 صحافين کي قتل ڪيو ويو. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ عراق ۾ صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي، جن جو انگ 340 ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته انڊيا ۾ 116 صحافين کي قتل ڪيو ويو. ميڪسيڪو ۾ 178، فلپائن ۾ به 178 صحافين کي موت جي ننڊ سمهايو ويو
.اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڌمڪين ۽ داٻن جهڙن هٿڪنڊن سان صحافتي آزادي کسي ورتي آهي، آزاد صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جي قيادت ۾پي ٽي آءِ حڪومت هر شعبي ۾پنهنجون ناجائزيون ۽ نااهليون لڪائڻ لاءِ ميڊيا جو ڳلو دٻايو، ڪيترن غير جانبدار صحافين ۽ اينڪر پرسن کي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ تي زبردستي ٽي وي اسڪرين تان هٽايو ويو، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پريس جي آزادي جي معاملي تي پيپلزپارٽي سدائين پهرين صف ۾رهي آهي،صحافين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومتي دور ۾آمر ضياءُ جي ميڊيا بابت ڪارن قانونن کي ختم ڪيو هو. آزاد صحافت هڪ متحرڪ معاشري ۽ جمهوريت جو حصو هوندي آهي.