199

نادرا وٽ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو اختيار ناهي، نوٽيس ڏئي سگهي ٿي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محمد علي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي ملازم ۽ سندس گهرواري جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ تي نادرا جي خلاف داخل ڪيل درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت رمارڪس ڏنا ته نادرا وٽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي، شوڪاز نوٽيس ڏئي سگهي ٿو، آرڊيننس جي قلم 18 تحت هڪ الڳ طريقيڪار ڏنو ويو آهي،عبوري قدم جهڙو ڪو اختيار قانون تحت موجود ناهي، نادرا آرڊيننس جي قلم 47 تحت اهو آرڊيننس ڪنهن شق لاڳو ڪرڻ ۾ايندڙ رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ بابت آهي، ان جو اهو مطلب ناهي ته مشڪلات ختم ڪرڻ لاءِ اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي،جيڪو قانون کان اڳيان هدايتون ڏئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو