227

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ پي ٽي آءِ ميمبر ۾ڇڪتاڻ، بي اعتمادي رٿ آڻڻ جون ڪوششون

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽ پي ٽي آءِ ميمبر ۾ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جنهن بعد وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب 24 مان 22 اسيمبلي ميمبر وڏي وزير ڄام ڪمال خان مان بيزار آهن،وزيراعظم جي دوري دوران شڪايتن جا ڍير لڳايا آهن، پارلياماني ليڊر يار محمد رد جي سربراهي ۾وفد وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري شڪايتون ڪيون هيون، ميمبرن وزيراعظم کي شڪايت ڪئي ته ڄام ڪمال خان کانسواءِ بلوچستان عوامي پارٽي جو ڪو به وڏو وزير اسان کي قبول هوندو، هوڏانهن ذريعن موجب ڄام ڪمال جي جڳهه تي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو کي ٻيهر وڏو وزير بڻائڻ جي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. جڏهن ته بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي چيو آهي ته ڄام ڪمال خلاف تحريڪ لاءِ اجلاس افواهن ۽ اهڙين خبرن تي ڌيان نه ڏنو وڃي. ميٽنگ ڪڏهن ڪٿي ڪهڙي جڳهه ۽ ڪنهن وقت ٿي، ڪا تصوير يا وڊيو آهي، افواهن کان پاسو ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو