حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ ن ليگ کان سينيٽري جو آسرو ملڻ تي عمران خان خلاف من گهڙت الزام بازي ڪري پيو، حليم عادل شيخ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گڏاپ ۾ بلڊر مافيا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، غريب مسڪين ماڻهن جا ڳوٺ ۽ گهر ڊاهي مسمار ڪري زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، هن بشير ميمڻ جي حوالي سان انڪشاف ڪندي چيو ته سال 2018 ۾ اڃا عمران خان وزيراعظم جي عهدي جو حلف ئي نه کنيو هو ته بشير ميمڻ اسلام آباد ۾ بنگلي تي هن وٽ پهچي ويو هو. جتي بشير ميمڻ پاڻ کي ايماندار سنڌي پوليس آفيسر ظاهر ڪيو ۽ کيس چيو ته اهم ذميواري ڏيارڻ تي مدد ڪيو ته هو آصف زرداري، بلاول ڀٽو رزداري ۽ فريال ٽالپر خلاف ڪارروائي ڪندو جنهن تي مون بشير ميمڻ کي چيو ته اهو ادارن جو ڪم آهي. اسان جو نه آهي، ادارا پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بشير ميمڻ وزيراعظم عمران خان تي ڪوڙا الزام هنيا آهن, جنهن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، بشير ميمڻ جيڪا الزام تراشي ڪئي آهي اها هڪ پلاننگ تحت ڪئي آهي.
193